پٺاڻ آغا طارق

پٺاڻ، آغا طارق: آغـا طارق خــان سـنـڌ جـي بـزرگ سيـاسـتـدان آغــا غلام نبي خان پٺاڻ جو فرزند آهي جيڪو شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ سلطان ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. 1968ع ۾ سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور مان گريجوئيشن ڪيائين. آغا طارق خان جو پيشو بنيادي طرح زمينداري آهي، پر خانداني سياست به سندس ورثي ۾ شامل آهي. هن عملي سياست ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي 1988ع جي صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو وٺي ڪيائين. صوبائي اسيمبلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري صوبائي وزير ٿيو. اهڙيءَ ريت 1993ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪري، وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيو. کيس وزير مملڪت نوجوانن جي معاملن ۽ اسپورٽس جا قلمدان ڏنا ويا. 2002ع جي عام چونڊن ۾ به شڪارپور جي صوبائيءَ تڪ تان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. واضح هجي ته آغا طارق خان 2002ع جي اليڪشن دوران جيل ۾ هو. جيل ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺي ڪامياب ٿيو ۽ پنهنجي مخالف اميدوار امتياز احمد شيخ کي شڪست ڏنائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو